زبردستي جي شادي، پوليس ڇاپو، گهوٽ ۽ ملو فرار

جروار (محمد بخش گبول) ننڍي عمر جي نينگري جي زبردستي نڪاح ڪرائڻ جي اطلاع ملڻ تي پوليس ڇاپ هنيو ته گهوٽ ۽ سندس مائٽ ڪاڄ ڇڏي فرار ٿي ويا ,پوليس نينگري کي هٿ ڪري ورتو پوليس نينگري ۽سندس ماءُ مائي بچل خاتون چاچڙ کي ٿاڻي تي کڻي آئي. 13سالن جي نيگري  فائزہ چاچڙ جو زبردستي فھد چاچڙ سان نڪاح ڪرايو پئي ويو. نينگري جي ماءُ بچل خاتون جي فرياد تي گهوٽ فهد چاچڙ مولوي عبدالصمد چاچڙ ۽ ٻن شاهدن آفتاب چاچڙ ۽ سعيد چاچڙ سميت ست ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو . ڪيس ۾ فريادي مائي بچل خاتون ڄاڻايو ته منهنجي ڌي جو ننڍي عمر ۾  زبردستي نڪاح ڪرايو پئي ويو . منهنجن پٽن ۽ٻين گهر ڀاتين کي يرغمال بڻاڻي رات جي وقت نڪاح ڪيو ويو. هوڏانهن  ڪيس داخل ٿيڻ بعد جروار پوليس نينگري  فائزہ  چاچڙ کي  فرسٽ سول جج ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ پيش ڪيو . اي ايس آءِ شير خان بوزدار موجب ته نينگري ڪورٽ ۾ پنھنجي ماءُ بچل چاچڙ سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏنو , تنھن ڪري اسان  سندس ماء کان ضمانتي اسٽامپ تي لکائي نينگري سندس حوالي ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو