زبان ڪٽڻ جو ڏوهه ثابت، ڏيڍ سال قيد 30 هزار ڏنڊ

خيرپور (ن سنڌيار) ٿرڊ اسسٽنٽ سيشن جج عاصم سعيد خان لوڍي جي عدالت ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد محمد يوسف ٽانوري جي واڙي تي ڪم ڪندڙ نوجوان عارف جانوري جي زبان ڪٽي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري. جنهن دوران ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائيل پپو ولد گلزار ٽانوري مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس ڏيڍ سال قيد بامشقت ۽ ٽيهه هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.جوابدارکي  پوليس جي پهري هيٺ سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو. جوابدار مٿان الزام هيو ته هن پنهنجي ڀاءُ محمد يوسف ٽانوري جي مينهن جي واڙي تي ڪم ڪندڙ نوجوان عارف جانوري کي ڪم ڪرڻ کان منع ڪندو هيو جنهن َضديت تان عارف جانوري کي تاريخ 29 مارچ 2021 تي واڙي اندر تيز ڌار اوزار سان سندس زبان ڪاٽي زخمي ڪرڻ جو ڏوهه ڪيو. اهڙي ڏوهه جي فرياد زخمي عارف جانوري جي ڀاءُ گل بيگ جانوري طرفان بي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدار خلاف داخل ڪرائي ويئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو