زاهدا شيخ جي گهر تي قبضو، گهر پليجو جو آهي

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي ترجمان الزام هنيو آهي ته سومر ڏينهن منجهند ڌاري قومي عوامي تحريڪ جي  مرڪزي اڳواڻن الطاف خاصخيلي، آزاد ميرواهي، شوڪت سريوال، عباس پٺاڻ، رفيق ڪنراڻي، زينت سمون ۽ ٻين 30/40 جوابدارن پاران هٿياربند ٿي اياز لطيف پليجو جي هدايت  تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ (زاھدا شيخ) جي گھر بي 52، پرنس ٽائون، قاسم آباد حيدرآباد تي موجود سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن، عوامي تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي ڪارڪنن مٿان ھٿيار تاڻي تشدد ڪري، کائن موبائيل فون۽ ٻُيو سامان ڦُري جبري طور سيڪريٽريٽ تي قبضو ڪري ورتو. مزاحمت ڪرڻ تي عوامي تحريڪ جي سينئر ساٿي محبوب رُڪ راھوجو کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري گُم ڪري ڇڏيو آھي ۽ سيڪريٽريٽ تي موجود لکين رپين جو قيمتي سامان ۽ ڪُجھ ڪيش پئسا ڦر ڪري پنھنجي قبضي ۾ رکي ڇڏيا. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊوڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، عمراھ سمون، حسنه راهوجو، عارب ڪيڙانو پاران قومي عوامي تحريڪ جي ان ڪڌي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته عوامي تحريڪ پنهنجي وجود کان وٺي پرامن جمهوري جدوجهد ۾ ويساھ رکي ٿي ۽ سنڌي قوم جي بقا، شهرن جي مالڪي، جمهوريت جي بحالي، وسيلن جي مالڪي لاءِ مسلسل جدوجهد جي ميدان ۾ آهي. اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته عوامي تحريڪ جو اغوا ڪيل ساٿي محبوب راهوجو کي فورن بازياب ڪرايو وڃي. ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي پريس ترجمان اشرف پليجي چيو آھي تہ قاسم آباد المصطفي ٽائون بي 52 پارٽي جو مرڪزي سيڪريٽريٽ آھي ۽ اياز لطيف پليجو جي ذاتي قانوني ملڪيت آھي۔ قومي عوامي تحريڪ، سيڪريٽريٽ تي قبضي جي الزامن کي رد ڪندي چيو آھي تہ المصطفيٰ پرنس ٽائون حيدرآباد جي 52 بنگلوز ۾ ھڪڙو ننڍڙو 750 فٽن يعني صرف 83 گزن جو ٻہ منزل گھر اياز لطيف پليجو صاحب سال 1996 ۾ خريد ڪيو ھو. جنھنجي اياز لطيف پليجو صاحب وٽ سندس نالي تي سرڪاري اوريجنل قانوني رجسٽري ۽ ستين فارم جي داخلا ۽ ان جو سرٽيفڪيٽ بہ موجود آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو