زال ميڪ اپ تي ڪريڊٽ ڪارڊ اڏائي ٿي ڇڏي، عاطف اسلم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گلوڪار عاطف اسلم ڀوڳ ڀوڳ ۾ زال کي ڪم جي ڳالهه ڪري پيغام ڏنو آهي ته ميڪ اپ تي ايترو خرچ نه ڪريو. انسٽاگرام تي هن زال جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ‘هي ڇوڪري ڪير آهي جيڪا ميڪ اپ تي منهنجو ڪريڊٽ ڪارڊ اڏائي ٿي ڇڏي، تون ته حيرت انگيز آهين منهنجي پياري’. سندس اها پوسٽ ڪافي وائرل ٿي آهي ۽ سندن مداح مختلف ۽ دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن. هڪ مداح لکيو ته واهه اوهان هڪ ڌڪ سان ٻه ڪم ڪري ڇڏيا. يعني شڪايت به ۽ پيار به.

پهنجو تبصرو موڪليو