زال موٽرائي ڏيو نه ته ايس پي آفيس اڳيان پاڻ ساڙيندس

ٺڪراٺو(ن سنڌيار)سنگرار ٿاڻي جي حد غلام ڳوٺ جي رهواسي محرم علي شنباڻي هڪ سال اڳ پنوعاقل جي محله عنايت ڳوٺ جي رهواسڻ رابعه ملڪ سان سيشن ڪورٽ سکر ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو ، جنهن بعد هو پنهنجي ڳوٺ ۾ گڏ رهندا هئا چار ڏينهن اڳ ايس ايڇ او سنگرار پوليس اٽالا ساڻ ڪري محرم شنباڻي جي گهر تي ريڊ ڪري پيار جوپرڻو ڪندڙ ناري کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي مڙس ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ايس ايڇ او ڳري رشوت عيوض اها ڪارروائي ڪئي آهي ۽ چار ڏينهن گذرڻ باوجود ناري کي ظاهر ناهي ڪيو هن ناري کي هڪ بااثر غلام محمد چاچڙ کي زبردستي پرڻائڻ جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو ، محرم شنباڻي ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪندي چيو ته منهنجي گهر واري رابعه کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي ڏيو ٻي صورت ۾ مان ايس ايس پي سکر آفيس آڏو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو