رڪشا ڊرائيورن ۾ جهيڙو هڪ ڄڻو شديد زخمي ٿي پيو

کپرو: (رپورٽ خادم سروري) شهيد چوڪ ويجهو رڪشا ڊرائيور پاڻ ۾ وڙهي پيا جنهن جي نتيجي ۾ عوامي فنڪار ۽ شاعر نظير کوکر کپرائي جو ڀاڻيجو اصغر علي کوکر لوها سريا لڳڻ سبب سخت زخمي حالت ۾ تعلقه اسپتال کپرو آندو ويو، سول اسپتال کپرو انتظاميان پاران حالت ڳڻتي جوڳي ٻُڌائي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. نظير کوکر صحافين کي ٻُڌايو ته منهنجو ڀاڻيجو بي قصور هو، جوابدار نومي جٽ کي رڪشا مان تيل ڪڍڻ کان روڪڻ تي هن حملو ڪيو، هُن وس وارن کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو