رٽائر ملازمن جي گروپ انشورنس بابت ڪميٽيون قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار گذريل پنجن سالن کان رٽائرڊ ٿيڻ باوجود گروپ انشورنس کان محروم سرڪاري ملازمن جي انشورنس جي رولڙي ۾ پيل ڪيسن کي اڪلائڻ ۽ رقم جي ادائگي بابت ٻه الڳ الڳ ڪاميٽيون جوڙي ورتيون، ڪاميٽين جي سفارشن تي سنڌ ڪابينا رهتن جي ادائگي جو فيصلو ڪندي، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته سنڌ ۾ 2016ع کان گريڊ هڪ کان 22 تائين جا رٽائرڊ ٿيل هزارين سرڪاري ملازم گروپ انشورنس واري رقم کان محروم آهن، گروپ انشورنس واري رقم جي  پگهارن مان ڪٽوتي باوجود ادائگي واري معاملي تي سنڌ ناڻي کاتي ۽ انشورنس ڪمپني ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا هئا، جنهن سبب سرڪاري ملازمن کي رٽائرڊ ٿيڻ باوجود گروپ انشورنس جي رقم ناهي ملي سگهي، انهي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار پاران اعلي سطحي ٻه ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن، چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ جوڙيل پراونشل ويلفيئر بورڊ ون ۾ ايس اينڊ جي اي ڊي، سروسز ۽ ناڻي کاتي جي سيڪريٽرين سوڌو اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ميمبر طور شامل ڪيا ويا آهن، اها ڪاميٽي 16هين گريڊ کان مٿي وارن ملازمن جي التوا ۾ پيل ڪيسن جو جائزو وٺي سفارشون جوڙيندي، ساڳين ميمبرن تي مشتمل بورڊ ٽو وري گريڊ هڪ کان 15هين تائين جي ملازمن جي التوا ۾ پيل ڪيسن جو جائزو وٺندو، بورڊ سفارشون تيار ڪري سنڌ ڪابينا کي موڪليندو، ڪاميٽي ملازمن جي انشورنس ساڳئي ڪمپني وٽ برقرار رکڻ يا ڪنهن ٻي ڪمپني سان معاهدي بابت به سفارشون  ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو