ريڪو ڊڪ ڪيس ۾ ڪرپشن جا الزام نه لڳايو، عدالت

لنڊن (ڊيسڪ رپورٽ) لنڊن هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج پاڪستان کي ريڪوڊڪ ڪيس ۾ عالمي ثالثي ٽريبونل جي فيصلي کي چيلنج ڪرڻ واري ڪيس ۾ پنهنجي دفاع ۾ ڪرپشن جا الزام لڳائڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت چيو ته برطانوي قانون موجب اهي معاملا جيڪي ثالثي ٽريبونل آڏو نه اٿاريا ويا اهي عدالت ۾ نٿا پيس ڪري سگهجن. آسٽريلين فرم ٽَيـَٿيان کي جُزوي ايوارڊ ڏيڻ خلاف پاڪستان طرفان داخل درخواست تي فيصلو جاري، 98 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ لنڊن هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ريڪوڊڪ ڪيس ۾ پاڪستاني سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪرپشن جو ذڪر به نه هو، سپريم ڪورٽ معاهدي کي غلط قرار ڏيندي بدعنواني يا ڪرپشن جو حوالو نه ڏنو هو، فيصلي موجب بلوچستان حڪومت وٽ ڪرپشن جا نوان ثبوت آهن ته انٽرنيشنل چيمبر آف ڪامرس يعني آءِ سي سي سان رابطو ڪري، عالمي بئنڪ جي انٽرنيشنل سينٽر فار سيٽلمينٽ آف انويسٽمينٽ ڊِسپيُوٽس طرفان ريڪوڊڪ هرجاڻو ڪيس ۾ پاڪستان تي 6 ارب ڊالرز جو ڏنڊ لڳايو ويو هو، پاڪستان اِڪسڊ جي فيصلي کي لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو. ياد رهي ته اهي الزام لڳندا رهيا آهن ته پي پي دور ۾ ٺيڪي لاءِ 10 لک ڊالر تڏهوڪي وڏي وزير اسلم رئيساڻي کي رشوت آڇي وئي هئي. ريڪو ڊڪ پاڪ ايران سرحد لڳ هڪ ڳوٺ آهي جتي واقع پهاڙ جيڪو  33 لک 47 هزار ايڪڙن تي ڦهليل آهي ان ۾ سون ۽ ٽامو آهي. هي دنيا جي پنجين وڏي سون جي کاڻ آهي. جتي ڊرلنگ جو ٺيڪو 1993 ۾ ذوالفقار مگسي آسٽريلوي ڪمپني بي ايڇ پي کي ڏنو هو. آسٽريلوي ڪمپني پاڪستان حڪومت کي ٻڌائڻ کانسواءِ اٽلي جي ڪمپني ٽيٿيان کي ٺيڪو ڏنو جيڪو بلوچستان حڪومت رد ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو