ريل جي ٽڪر ۾ پيرسن ۽ ڪار جي ٽڪر۾ نوجوان فوت

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار) ڪچا ڦاٽڪ ڀرسان ٽرين حادثي ۾ عباسي محلي جو رهواسي 55 سالن جو پيرسن ﷲ ڏنو ولد ربنواز چنو فوت ٿي ويو. فوتي جو لاش تعلقہ اسپتال آندو ويو جتان قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جنهن بعد وارثن پاران لاش کڻائي گهر پهچايو ويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن تہ ٻئي پاسي پيرسن ﷲ ڏنو جي خودڪشي جا چوٻول پڻ ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن.

هوڏانهن هڪ ٻئي ڌار پيش آيل حادثي ۾ پنوعاقل لڳ ڳوٺ ٻڍ ڀرسان سي پيڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر۾  رياض حسين ڊيهو جو 12 سالن جو پٽ عبدﷲ فوت ٿي ويو. نينگر جو لاش تعلقہ اسپتال پنوعاقل کڻائي آندو ويو جتان قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نينگر کيڏندي کيڏنديِ روڊ تي چڙهي ويو. کيس ٽڪر هڻندڙ ڪار وارو ڀڄي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو