ريلي لسانيت جي خاتمي ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف ريفرينڊم آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سڏ تي ڪراچي يڪجهتي ريلي ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو جي ڀر سان عائشه منزل کان شروع ٿي جنهن ۾ رستي مان قافلا شامل ٿيندا ويا ۽ وڏي جلوس جي شڪل اختيار ڪري وئي. نثار کهڙو، سعيد غني، وقار مهدي، تاج حيدر، اين ڊي خان، شهلا رضا ۽ ٻيا به موجود هئا. ريلي تي مختلف جاين تي گل پاشي به ڪئي وئي. صدر ۾ ريلي جي پڄاڻي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هي ريلي نفرت ختم ڪرڻ، لسانيت کي روڪڻ ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف عاومي ريفرينڊم آهي. هنن چيو ته اسين ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪاميبي حاصل ڪري عوام جي خدمت ڪنداسين.

Photo PPP

هنن چيو ته اڪيلي پيپلز پارٽي جي ايڏي وڏي ريلي هئي جڏهن 11 جماعتون گڏيون ته حڪمرانن جون ننڊون حرام ٿي وينديون. هنن ايم ڪيو ايم جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته دهشتگردي ختم ٿيڻ بعد ڪراچي مان خوف به ختم ٿيو آهي ۽ هاڻي ڪراچي تي قبضي جو خواب نه ڏسو. نثار کهڙو چيو ته اسين ڪراچي وارن کي سلام پيش ڪريون ٿا، پيپلز پارٽي جو ٽيون نسل جمهوريت لاءِ قربانيون ڏئي پيو، جنرل مشرف جي زور تي ڪراچي تي قبضو ڪندڙن جو وقت پورو ٿيو آهي، اسين مشرف کي به ان وقت للڪاريو هو جڏهن هن ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ چاهيو پئي. هن عمران خان جي اها تنقيد رد ڪندي چيو ته اندرون سنڌ مان چونڊيل ماڻهو ڪراچي تي راڄ ٿا ڪن، هن سوال ڪيو ته عثمان بوزدار ۽ محمود خان ڪٿان چونڊيا آهن، ڇا هو لاهور ۽ پشاور مان ڪامياب ٿيا جو وڏا وزير بڻيا، هن چيو ته نفرت جي سياست بند ڪريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو