ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪندڙ نوجوان ٽرين هيٺان اچي فوت

لکي غلام شاھ (نثارمنگي) ڳوٺ پير بکر ۾ 25 سالا نوجوان غلام اڪبر پٽ محمد امين کوسو ٽرين هيٺان اچي سخت زخمي ٿي پيو، ڪوئيٽا ايڪسپريس ٽرين لاهور کان ڪوئيٽا طرف وڃي رهي هئي ته نوجوان ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪري رهيو هو جيڪو ٽرين جي هيٺان اچي سخت زخمي ٿي ويو، جنهن کي ڳوٺاڻا بروقت لکي اسپتال لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. نوجوان ڳوٺ ارباب کوسو لڳ مائي ڄامڙي واسي هو جيڪو عارضي طور پير بکر ۾ رهائشي هو. نوجوان جي والد سنڌيار کي ٻڌايو ته سندس پٽ ڪنن کان ٻوڙو هيو ۽ جمعي نماز پڙهڻ جي لاءِ مسجد وڃي رهيو هو جنهن کي ٽرين جو آواز نه ٻڌڻ ۾ آيو ۽ هي واقعو پيش آيو آهي. نوجوان جو لاش لکي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ گهر نيو ويو ته نوجوان جي گهر اندر ڪهرام مچي ويو. علائقي واسين سنڌيار سان ڳالھائيندي چيو ته ريلوي ڦاٽڪ ڪراسنگ کي گيٽ نه هجڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن اسان ريلوي انتظاميا ۽ وفاقي حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن ته ريلوي ڪراسنگ گيٽ هڻائي ڏنو وڃي پر هن وقت تائين گيٽ نه لڳي سگهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو