ريتي بجري تي ڊبل ٽيڪس خلاف ڊرائيورن جو احتجاج

ٺٽو(ڊر) مڪلي باءِ پاس تي قائم ريتي، بجري جي گاڏين تي لاڳو رائلٽي جي وصولي ڊبل ڪرڻ خلاف ڊرائيورن ۽ انتظاميا ۾ جهيڙو ٿي پيو. جنهن بعد ڊرائيورن گاڏيون بيهاري روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو. عبدالمالڪ پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي متاثرن چيو ته عملو من مستي ڪري زبردستي قانوني ڊبل ٽيڪس جي وصولي ڪري رھيو آهي ۽ ڊرائيورن سان بدتميزي ڪري کين ڪلاڪن جا ڪلاڪ بلاجواز بيھاري سندن تذليل ڪن ٿا، ھنن چيو ته ريتي ۽ بجري جو في ٽن ٽيڪس 8 روپيا آھي، جيڪو ھي 40 روپيا في ٽن جي حساب سان في ٽرڪ کان 15 سئو ۽ ٽرالر کان 44 سئو روپيا وصول ڪن ٿا، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي اھي، ان کانسواء ضلعا ٽيڪس جي اوڳاڙي الڳ آھي، جنھن جون پڻ 3 پرچيون آھن، ھنن چيو ته اسان جيڪو پراڻو ريٽ آھي، ان مطابق ٽيڪس ڏينداسين، وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻ  اسانجي وس جي ڳالهه ناھي، وڏي تعداد ۾ گاڏيون بيھڻ ڪري ٽرئفڪ جام ٿي ويئي، مڪلي پوليس احتجاج ڪندڙن وٽ پھچي ويئي، جنھن بعد احتجاج ڪندڙ ن ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو