ريال تي دنيا جو نقشو، ڪشمير کي انڊيا جو حصو نه ڏيکارڻ تي ڀارت کي ڪاوڙ

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي نئين ڪرنسي نوٽ تي دنيا جي نقشي ۾ ڪشمير کي انڊيا ۾ شامل نه ڪرڻ تي ڀارت سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. غير ملڪي خابرو اداري موجب سعودي عرب 20 ملڪن جي سربراهي جي يادگار طور تي 20 ريال جو نئون نوٽ جاري ڪيو آهي. ان نوٽ تي شاهه سلمان جي تصوير ۽ جي ٽوئنٽي جي نشان سان گڏ دنيا جو نقشو به ڇاپيو آهي پر ان ۾ ڪشمير کي ڀارت ۾  شامل ناهي ڪيو ويو. اهڙو نوٽ سامهون اچڻ کانپوءِ ڀارتي اڳواڻن ۽ شهرين جو سخت ردعمل سامهون آيو آهي ۽ ڀارت 21 ۽ 22 نومبر تي سعودي عرب ۾ ٿيندڙ جي ٽوئنٽي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏئي ڇڏي آهي. ڀارت ان وقت واويلو ڪري رهيو آهي جڏهن ان جا سعودي عرب سان بهترلاڳاپا قائم آهن. 

پهنجو تبصرو موڪليو