رياست شهرين جي حقن جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي طاقت ور ايليٽ قانون جون ڌڄيون اڏائڻ جي سڌي ريت ذميوار آهي ۽ اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ ناهي ته رياست عام شهرين جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. اهڙو اظهار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله اسلام آباد ۾ ڏوهن، جبر گمشدگين ۽ سرڪاري زمينن تي قبضن بابت ڪيسن ۾ جاري ڪيل 5 صفحن تي مشتمل حڪمنامي ۾ ڪيو آهي. هن عدالتي حڪم ۾ لکيو آهي ته اسلام آباد ۾ زمينن تي قبضن جا ڏوهه وڌي رهيا آهن ۽ نظام ڪرپٽ ٿي چڪو آهي جيڪو تباهي جي ڪناري پهچي ويو آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ امن امان جي خوفناڪ صورتحال ناقابل برداشت آهي. حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته عام شهرين جي حقن جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، شهرين جو انصاف جي نظام تان اعتماد کڄي رهيو آهي ۽ اها رياست جي ذمه داري آهي ته قانون جي بالادستي قائم ڪري شهرين جو اعتماد بحال ڪري.حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي پوليس تفتيش ۽ پراسيڪيوشن ۾ خامين جو اقرار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو