روڊ نه ٺهيو ته چونڊيل نمائندن جو ٽماٽرن سان استقبال ڪبو، ڳوٺاڻا

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو ) تعلقي جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ڏيپلو نئون ڪوٽ روڊ نه ٺهڻ خلاف جوڳي موڙ کان وٺي ٻاويهه ميل جي موري تائين پنج ڪلو ميٽر پيادل لانگ مارچ ڪري احتجاج ڪيو. ڳوٺاڻن چونڊيل نمائندا گولي ڏيو ڳولي جا اڀ ڏاريندڙ  نعرا هنيا. بلدياتي اليڪشن ۾ چونڊيل نمائندن کي ڳوٺن ۾ نه اچڻ جو چتاءُ ڏيندي هنن چيو ته ڪوڙن واعدن تي هاڻي ووٽ نه ڏينداسين. ڪلوئي نوجوان اتحاد جي سڏ تي ٻه سئو کان مٿي ڳوٺن جي ماڻهن شرڪت ڪئي. اتحاد جي اڳواڻن عمر سنڌي نواز آصف خان غفار خان حفيظ نهڙيو نعيم حسين غلام الله بچاڻي عوامي تحريڪ اڳواڻ ممتاز کوسو رحمان نهڙيو ممتاز جوڻيجو رحمان نهڙيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته نئون ڪوٽ کان ڏيپلو روڊ تي ڪيترائي ڳوٺ آهن جيڪي ٽٽل روڊ هئڻ ڪري عذاب وارو سفر ڪرڻ تي مجبور آهن هنن وڌيڪ چيو ته هي روڊ ٽٽل هئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مختلف روڊ حادثن جو شڪار ٿي چڪا آهن پر ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن ھنن چيو ته اهڙيون درخواستون اسان ڪافي ڀيرا تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا کي ڏنيون آهن پر اڃان تائين ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو. ڄاڻايل روڊ جي مرمت نه ڪرائي وئي ته ووٽ جي لاءِ جي ڳوٺن ۾ اچڻ تي سندن ٽماٽرن ۽ بيضن سان استقبال ڪيو ويندو ڳوٺاڻن سيشن جج مٺي ڊي سي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو آهي ته مٿي ڄاڻايل روڊ جو مرمتي ڪم ڪرائڻ لاءِ نوٽيس وٺي.

پهنجو تبصرو موڪليو