روڊ حادثي ۾ نوان جتوئي واسي 2 سڳا ڀائر فوت

مٺياڻي (شاھد لغاري) نوري آباد وٽ  ٽرالر ۽ ڪار وچ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار نوان جتوئي جا رھواسي 2 سڳا ڀائر 55 سالن جو الھڏنو ملاح ۽ 30 سالن جو وزيرعلي ملاح ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏھن ته تحسين جتوئي پڻ سخت زخمي ٿي پيو، ٻه ڄڻا ٽالر ۾ سوار پڻ معمولي زخمي ٿيا. فوتين ۽ زخمي کي حيدرآباد جي اسپتال ۾ آندو ويو. واقعي جو اطلاع فوتين جي گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، صدمي سبب سندن ونيون بي ھوش ٿي ويون. واضح رھي ٻئي فوتي ڀائر ۽ زخمي نوان جتوئي کان ڪراچي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاء وڃي رھيا ته رستي ۾ ساڻن حادثو پيش آيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو