روڊ جو ڪم اڌ ۾ بند ٺيڪيدار غائب، عوام جو احتجاج

نوشھرو فيروز (منظور ملڪ)ڀرياسٽي ويجهو  10 ڳوٺن کي ملائيندڙ لنڪ روڊ جو ڪم ڏيڍ  سال تائين مڪمل نه ٿيو ٺيڪيدار هڪ سال اڳ ڪم اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو ، مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن جو روڊ جي ٺيڪدار خلاف اڻمڪمل روڊ تي احتجاجي مظاهرو نٽهڻ اس ۾ 3 ڪلاڪ ڌرڻو  روڊ جي رهيل ڪم شروع نه ٿيو ته  عيد بعد پريس ڪلب اڳيان ٺيڪيدار خلاف بک هڙتال ڪنداسين. ڳوٺ فقير حنيفو ڪلهوڙو ، فقير جعمو ڪلهوڙو ، ڳوٺ همبر واهه ، ڳوٺ ڌڻي بخش ، ڳوٺ جعمو پنهور . ڳوٺ گجڻ (ساحل)  سهتو ، ڳوٺ  غلام  مصطفيٰ ڪلهوڙو ، ڳوٺ ڪبير ميمڻ ،سميت 10 ڳوٺن کي ملائيندڙ لنڪ روڊ جيڪو سال 2018 دوران اٽڪل 60 لک روپين جي لاڳت سان منظور ٿيو هو اهو اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو ان سلسلي رهواسين سجاول ڪلهوڙو ، غلام سرور مولائي ڪلهوڙو ، اسد علي ڪلهوڙو ، ذوا لفقار علي ڪلهوڙو ، ۽ ٻين ٻڌايو ته  اٽڪل 2 سال اڳ  روڊ جي اسڪيم منظور ٿي پر ٺيڪيدار  حبدار چانڊيو  روڊ ۾ پهريان مٽي وجهڻ بعد مٿان  پٿر لاهي هڪ سال کان گم آهي  هنن چيو ته  ڀريا ، ٺاروشاه ، دالي ويندڙ مريض توڙي عام  ماڻهو سخت پريشان آهيون برسات سبب روڊ ۾ ٻن کان 3 فوٽن تائين پاڻي بيهي وڃي ٿو  جيڪو 10 ڏينهن تائين  نٿو سڪي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو