“روٽي، ڪپڙا، مڪان، تعليم ۽ صحت” سڀني لاءِ، وزيراعظم جو اهم اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان غربت جي خاتمي ۽ عوام جي سماجي۽ معاشي بهتري لاءِ “احساس” پروگرام جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن اعلان ڪيو ته آئين جي شق 38 (ڊي) ۾ ترميم جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته حڪومت “ روٽي ڪپڙا، مڪان، تعليم ۽ صحت” جي هر شهري کي فراهمي کي يقيني بنائڻ لاءِ اها ترميم ڪندي ۽ رياست کي اهي سهولتون فراهم ڪرڻ جو پابند ڪندي. “ هي پنج سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي پابندي هوندي ۽ آئين جي بنيادي حقن ۾ شامل هونديون. ياد رهي ته پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو “ روٽي ڪپڙا اور مڪان” جو نعرو ڏئي پارٽي جو بنياد وڌو هو پر عمران خان ان ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبن جو اضافو ڪندي ان کي آئين ۾ ترميم ڪري رياست جي بنيادي ذميوارين جو حصو بنائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪجهه سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته دلفريب نعرا ۽ قانونسازي جا اعلان ستر سالن کان قوم ٻڌي پئي پر اصل ضرورت عملدرآمد جي آهي. عمران خان اعلان ڪيو ته حڪومت ان پروگرام لاءِ 80 ارب روپيا فراهم ڪندي ۽ 2020 تائين ان ۾ 120 ارب جو اضافو ڪيو ويندو. “ماضي ۾ ڪنهن به حڪومت عوام جي بهتري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ايتري رقم ناهي رکي”.  هن چيو ته ڊسمبر تائين ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي ۽ ان کي فني اعتبار کان بهتر ڪيو ويندو ۽ اهڙو نظام واضح ڪيو ويندو جنهن مان خبر پوندي ته ڪهڙا ادار ڪهڙي علائقي ۾ ڪهڙن ماڻهن کي ڪهڙي مقصد لاءِ امداد ڏئي چڪا آهن. هن چيو ته ان لاءِ “سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي” لاءِ نئين وزارت قائم ڪئي ويندي ۽ ون ونڊو آپريشن جي ان ۾ سهولت هوندي. هن چيو ته تحفظ پروگرام هيٺ ملڪ جي 57 لک عورتن کي پنج کان ساڍا پنج هزار ڏينداسين ۽ موبائل فون ذريعي سهولت ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو