21 ڪلاڪن جي ڪوشش بعد روهڙي ڪينال جو گهارو بند

مورو(مورائي اياز سولنگي) گذريل ڏينهن منھڙو ڀرسان ڳوٺ يوسف ڏاهري جي سامهون روهڙي ڪئنال کي آر ڊي 492 وٽان لڳل 200 فوٽ گهارو 21 ڪلاڪ گذرڻ بعد سنڌ رينجرس ۽ آبپاشي عملي ۽ ڳوٺاڻن جي ڪوششن سان بند ڪيو ويو آهي. گهاري کي بند ڪرڻ ۾ يوسي مصر جي واهه جي چيئرمين افسر علي ڏاهري ٽي سئو کان مٿي ڳوٺاڻا پاڻ سان وٺي آيو سندس سان گڏ يوسي جو سيڪريٽري رحمت الله ڦل پڻ گڏ هو، جن آبپاشي عملدارن رينجرز جي جوانن سان ملي ڪري گهاري کي بند ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڳوٺاڻن سندس شڪريو ادا ڪيو. جڏهن ته گهاري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاء هيوي مشينري ذريعي تيزي سان ڪم جاري آهي ٻئي طرف ڪيترائي ڳوٺ اڃان تائين پاڻي جي گھيري ھيٺ آهن ۽ ڪافي ڳوٺن جا روڊ رستا پاڻي ھيٺ ھئڻ سبب ڳوٺاڻن جي اچ وڃ سخت متاثر آهي. جڏهن ته منهڙو شهر کي بچائڻ لاء شهر ٻاهران بند ڏياريو ويو آهي. ياد رهي ته نوشهروفيروز ۽ بينظيرآباد جي دنگ جي آس پاس منهڙو لڳ ڏاهري موري وٽان روهڙي ڪينال ۽ گهوٽڪي ّلعي جي شهر خانپور مهر جي بمڀلي مائنر کي گهارا پوڻ سبب 60 کان مٿي ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، آبپاشي عملو ۽ ضلعي انتظاميا اطلاع جي باوجود بروقت نه پهتا، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي گهارا بند ڪرڻ شروع ڪيا، پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو. تفصيل موجب منهڙو لڳ روهڙي ڪئنال کي گهارو پوڻ سبب 12 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل به پاڻي ۾ ٻُڏي ويو آهي. آبپاشي عملو اطلاع باوجود دير سان پهچڻ ڪري گهارو و200 فٽ کان وڌيڪ ويڪرو ٿي ويو آهي. صورتحال خراب ٿين بعد آبپاشي عملدار حرڪت ۾ آيا.

يوسف ڏاهري موري ڀرسان روهڙي ڪئنال کي لڳل گهاري جي نتيجي ۾ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. گهارو پوڻ جو ٻڌندي ئي ڀرپاسي جي علائقن ۾ خوف هراس پکڙجي ويو ۽ ڳوٺاڻن پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌڻ ۾ لڳي ويا، پاڻي گهرن ڏانهن وڌڻ ڪري ڳوٺاڻا پريشان ٿي ويا. گهاري جو پاڻي ڳوٺ مريد ڏاهري، لنڊ ڪڙيو، رسول بخش ڏاهري ۽ عزيز گُجر سوڌو ٻين ڳوٺن جي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي.

اسد ٻگهيو موجب ڊي سي شهيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر ۽ ايس دي ايم مورو سيد مدثر شاهه ۽ آبپاشي عملو گهاري واري هنڌ پهتا

جنهن بعد ڳوٺاڻا گهر بچائڻ لاءِ ڪم اڌ ۾ ڇڏي ويا پر تيسين آبپاشي عملي وارا ڪرين وٺي اچي پهتا. ڊي سي به آبپاشي عملي سان گڏ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ پهتو.*** هوڏانهن خانپور مهر لڳ بمڀلي واھ کي آرڊي 39 لڳ پڪي کوهي وٽ صبح جو سوير 40 فوٽن جو گهارو پئجي ويو جنهن ڪري آس پاس جي اڍائي سو ايڪڙن تي بيٺل ڪپھ ۽ ڪمند جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. اطلاع جي باوجود آبپاشي عملو نه گهاري واري هنڌ نه پهتو. گهاري سبب آبادگارن جو لکين رپين جو نقصان ٿي ويو. متاثر ڳوٺاڻن عبدالقادر پتافي. ديدار پتافي. صدين پتافي ۽ ٻين آبپاشي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ جو چوڻ هو ته 5ڪلاڪ گهاري کي ٿي ويا آهن ۽ 40 فٽ وارو گهارو وڌي 7و فٽ ٿي ويو پر ڪوبه آبپاشي عملدار گهاري واري هنڌ نه پهتو آهي. هنن چيو ته ٿيل نقصان جو ازالو نه ڪيو ويو ته ڀرپور احتجاج ڪنداسين. هوڏانهن گهاري کي بند ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻا پنهجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل آهن. شاهپور جهانيان مان اسد ٻگهيو ڳوٺ يوسف ڏاهري ڀرسان روهڙي ڪئنال کي گهارو لڳي ويو ، گهاري سبب ڪمند ، وونئڻ ، ساريون ، ڪيلو ۽ جوئر جي فصل سميت سوين ايڪڙن تي بيٺل پوکون پاڻيء ۾ ٻڏي ويون ، گهارو رات 4 وڳي پيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو