روشن سنڌ ڪرپشن ڪيس، مراد علي شاهه 8 جولاءِ تي طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي احتساب بيورو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي 8 جولاءِ تي روشن سنڌ ڪرپشن ڪيس ۾ پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. مٿس الزام آهي ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سولر لائيٽس لڳائڻ وارن ٺيڪن ۾ وڏي پيماني تي خرد برد ڪئي وئي آهي ۽ اختيارن جو غلط استعمال ڪندي قانون جي خلاف ورزي ڪندي من پسندن کي ٺيڪا ڏنا ويا. مراد علي شاهه 4 جون تي هن ڪيس ۾ نيب ۾ پيس ٿيو هو جنهن کي سوالنامون ڏنو ويو هو ته هو پڇيل سوالن جا جواب ڏئي. جنهن لاءِ هن مهلت گهري هئي. مراد علي شاهه خلاف جعلي اڪائونٽ ڪيس، مخصوص شگز ملز کي سبسڊي ڏيڻ سميت ڪيترائي ڪيس هلندڙ آهن. روشن سنڌ ڪرپشن ڪيس ۾ نيب پلي بارگين ذريعي 29 ڪروڙ روپيا وصول ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو