روشنا راڄپر جا قاتل فوري طور گرفتار ڪريو، سنڌياڻي تحريڪ

حيدرآباد )بيورو رپورٽ) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، ناھيد جوڳي، عذرا رند، نجم آرائين،نصرت خاصخيلي، راحيلا لاڙڪ، شھر بانو راھوجو، آمنه ڪنڀار ۽ ٻين اڳواڻن سماجي اڳواڻ روشنا محبوب راڄپر کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته ٻھراڙي جا علائقا عورتن لاءِ مقتل گاھ بنايا ويا آھن. ھاڻي عورتون محفوظ نہ رھيون آھن۔ روشنا راڄپر جو قتل انسانيت، عورتن جي آزادي ۽ انصاف جو قتل آهي۔ ھنن اڳواڻن حڪومت سنڌ ۽ چيف جسٽس ھاء ڪورٽ سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي تہ فوري طور ھن وھشتناڪ واقعي جو نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري معصوم نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو تہ سنڌ ۾ ڪڏھن تانيہ خاصخيلي، ڪڏهن نائلا رند، ڪڏھن ڊاڪٽر نمرتا، وزيران ڇڇر، گل ضميران مسڻ بيگناھ قتل ڪئي وڃي ٿي، جيڪو ڪجھ ڏينھن تائين ھاءِ پروفائل ڪيس رھي ٿو ۽ حڪمران روايتي طور تي نوٽيس وٺن ٿا ۽ جاچ جي نالي ۾ سڀني جو ڌيان ٻئي طرف منتقل ڪري وري ڪا نئين ڪربلا سامھون اچي ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو