روزانو 9 کان 10 هزار ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻي آهي،ڊي سي

گهوٽڪي (ن سنڌيار)ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين لڳرايو، پنهنجي ۽ پنهنجي پيارن جون زندگيون محفوظ بڻايو، ضلعي گهوٽڪي ۾ ڪورونا وائرس خلاف زبردست مهم جي شروعات، بغير ڪوڊ جي ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو، صحت کاتي کي تعلقي سطح تي پلان تيار ڪري موبائل ٽيمون ٺاهڻ جي هدايت. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ڪورونا وائرس خلاف جاري مهم کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ جي سلسلي ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن سميت ڊي ايڇ او، ڊي ايم پي پي ايڇ ائي ۽ پنجن ئي سرڪاري اسپتالن جي ايم ايسز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ آبادي جي حساب سان روزانو 9 کان 10 هزار ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻي آهي انڪري جيڪي ماڻهو بغير ڪوڊ جي سينٽرن تي اچن ٿا ته سندن شناختي ڪارڊ تحت مينيوئل رجسٽريشن ذريعي کين ويڪسين لڳائي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ شهري ويڪسينيٽ ٿي سگهن، هن چيو ته سمورا سرڪاري آفيسر توڙي ملازم فوري طور تي ويڪسين لڳرائن ٻي صورت ۾ سندن پگهارون بند ٿي وينديون جڏهن ته ويڪسين خلاف بي بنياد افواهون پکيڙيندڙ ڪردارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪبي. ان موقعي تي هن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪندي چيو ته هو تعلقي سطح تي مهم جي نگراني ڪندا ان حوالي سان عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ خاطر پينافليڪس لڳايا وڃن ته ماڻهو آن لائين موصول ٿيل ڪوڊ کان بغير شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي تحت ويڪسين لڳرائي سگهن ٿا جڏهن ته علائقي جي معزز ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن جو تعاون به حاصل ڪيو وڃي ته جيئن شهري پاڻ سينٽرن تي پهچي ويڪسين لڳرائن، هن ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر کي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي هدايتن مطابق سمورن اي پي آئي سينٽرن کي ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر بڻائي مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي جڏهن ته ضلعي جي مختلف علائقن ۾ موبائل ٽيمن ذريعي ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ وارو عمل شروع ڪرڻ جي حوالي سان تعلقي سطح تي جامع پلان تيار ڪري هڪ ڏينهن ۾ رپورٽ فراهم ڪئي وڃي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي سستي برداشت نه ڪبي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو