رورل هيلٿ سينٽر تي ڇاپو، غيرحاضر عملي خلاف رپورٽ

بلڙي شاه ڪريم(ذولقرنين لنڊ) اسسٽنٽ ڪمشنر بلڙي شاه ڪريم عبدالغفار شيخ رورل ھيلٿ سينٽر تي اوچتو ڇاپو هڻي اسپتال مان ڊيوٽي تان غير حاضر هئڻ تي ڊاڪٽر واحد بخش جهيجو ايل ايڇ وي ام ڪلثوم ۽ وارڊ اٽينڊينٽ گلزار سومرو کي غير حاضر ڪري فوري سندن رپورٽ اعلي اختيارن کي موڪلي ڇڏي آھي. اسپتال عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو جڏھن ته اي سي بلڙي شاھ ڪريم اسپتال عملي پاران ھڪ غريب کان علاج جا  پئسا گھرڻ واريون خبرون ھلڻ کان پوء سخت نوٽيس وٺندي اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو.  غريب مريض کان پئسا وٺڻ واري عمل تي پڻ انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي جڏھن ته اسسٽنٽ ڪمشنر اسپتال جو دورو ڪري اتي پي پي ايڇ آء پاران نوڪرين لاء ٿيندڙ انٽرويو ۾  پي پي ايڇ آء جي ڊسٽرڪٽ مينيجر کي چيو ته هر ڪم ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي . ٻئي طرف اي سي غفار شيخ ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪنهن غير حاضر ملازم کي هاڻي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو چاهي اهو ڪيترو  به طاقتور  ڇو نه هجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو