روجهاڻ ۾ سي ٽي ڊي سان مقابلي ۾ 5 دهشتگرد قتل

ڪشمور (جي ايم کوسو )روجھان جي قبائلي علائقي ۾ پنجاب جي سي ٽي ڊي پوليس ڪاروائي ڪندي 5دھشتگرد ماري ڇڏيا پوليس جي ڪاروائي دوران 10کان 15ڪلو وزني بم به ھٿ آيو آهي. ڪشمور جي دنگائي علائقي روجھاڻ ٿاڻي جي حد عربي ڊٻه جي ويجھو جمعي تي صبح جو  سي ٽي ڊي پوليس خفيه اطلاع  ملڻ تي ڪاروائي ڪئي ته دھشت گردن ۽ پوليس جي وچ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنھن ۾ 5دھشتگرد مارجي ويا جڏھن ته پوليس موجب دھشتگرد بم ذريعي روجھاڻ ۽ راجن پور ۾ ڪنھن وڏي ڪاروائي جو منصوبوجوڙي رھيا ھئا. دھشتگردن وٽان ھٿيار ۽ 10کان 15 ڪلووزني بم ھٿ آيو جيڪو بم ڊسپوزل اسڪواڊ وارن ناڪارا ڪري ڇڏيو .پوليس دھشت گردن جا لاش راڄن پور سول اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاء موڪلي ڇڏيا.بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي انچارج جو چوڻ آهي ته بم ريموٽ ڪنٽرول وارو آهي. پوليس عربي ڊٻه کي گھيري ۾ آڻي سرچ آپريشن به شروع ڪيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو