رشوت گهرندڙ ايف آءِ اي آفيسر گرفتار، ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪروڙ ين روپيا رشوت گهرڻ تي ايف آئي اي ڪائونٽر ٽيررازم ونگ جي آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد ايف آئي اي جي گرفتار ڪيل آفيسرن ۾ انچارج سي ٽي ڊبليو انسپيڪٽر پرويز، انڪوائريز آفيسر انسپيڪٽر عقيل ۽ ٻيا شامل آهن، آفيسر آن لائن ميڊيسن جي ڪاروبار ۾ بي قائدگين جي الزام جي انڪوائري ڪري رهيا هئا، 22جون تي ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ 24جون تي ڇڏيو ويو، آفيسرن 12ڪروڙ رشوت طلب ڪئي جڏهن ته 10ڪروڙ رپين جي ادائگي جي واعدي تي جوابدارن کي ڇڏيو ويو هو، جن جي شڪايت تي ڪاروائي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو