رشوت نه ڏيڻ تان ڪڻڪ سان ڀريل 8 ٽرڪون بند

ڪشمور (جي ايم کوسو )سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي دنگ تي قائم سنڌ پوليس چوڪي ڪڻڪ جي بين الصوبائي بندش واري حڪم تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. پوليس چوڪي 10 هزار في ٽرڪ وٺي ڪڻڪ سنڌ کان ٻين صوبن ڏانهن موڪلي رهي آهي. ضلعي دادو جي شهر جوھي کان آيل ڪڻڪ سان ڀريل 8 ٽرڪن کي سرحد تي روڪي رشوت طلب ڪئي. ڊرائيورن الزام هنيو ته رشوت نه ڏيڻ تي کين پڪڙي فوڊ سينٽر ڪشمور ۾ آندو  ويو جڏھن ته ٻين 7 ٽرڪن کي پيسن جي عيوض ڇڏي پنجاب ڏانھن روانا ڪيو ويو. ٽرڪ ڊرائيور فلڪ نواز ساسولي صوبوخان ٿھيم ميراحمد لاشاري امداد ڀٽي ۽ ٻين چيو  ته اسان ٽوٽل 15 ٽرڪ جيڪي دادو۽ جوھي کان ڪڻڪ کڻي پنجاب جي شھر ڊيرا غازيخان وڃون پيا ته سنڌ پوليس جي چوڪي وارن اسان کي پڪڙي ورتو آهي. فوڊ انسپيڪٽر محمد يوسف ملڪ سنڌ يار سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس چيو ته فوڊ گودام کولي ڏيو  هو ٽرڪون بيهاريندا.

پهنجو تبصرو موڪليو