رسڪ الائونس ۾ حڪومتي ٺڳي قبول ناهي، احتجاج ڪبو،اڳواڻ

خانواهڻ(عاجز امتياز نوح پوٽو)پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن 2076 جي صوبائي چئيرمين اعجاز احمد ڪاڪيپوٽو صوبائي صدر خادم حسين مستوئي صوبائي جنرل سيڪريٽري عبدالجبار ڪنڀر صوبائي نائب صدر بشير احمد لاشاري ضلع نوشھروفيروز جي صدر محمد اشرف قريشي جنرل سيڪريٽري محمد يونس وسڻ ۽ ٻين پنھنجي گڏيل بيان ۾ حڪومت پاران جاري ڪيل پيراميڊيڪل ڊاڪٽر ۽ نرسنگ اسٽاف لاء رسڪ الائونس جو نوٽيفڪيشن ۾ ٺڳي ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته پريس ڪلب ڪراچي تي صوبائي وزير سيد ناصر شاھ سعيد غني ۽ سيڪريٽري صحت سامھون طئي ٿيو ھو ته رسڪ الائونس مارچ 2020 کان رائج ڪيو ويندو پر نوٽيفڪيشن ملڻ کان پوء خبر پئي آھي ته  اھو جولاء کان لاڳو ڪيو ويو آھي.

جيڪو ڪنھن به صورت ۾ قابل قبول نه آھي اڳواڻن چيو ته ھيءَ گرينڊ ھيلٿ الائينس ان نوٽيفڪيشن کي مڪمل طور رد ڪري ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو