رستو ٽٽل هجڻ ڪري ٽرانسپورٽرن پاران ڪرايو ٻيڻو

ڊرگهه بالا (ن سنڌيار) سنڌ حڪومت ۽ دادو ضلعي انتظاميه جي نااهلي ۽ ڪاهلي غريب عوام جي ڳچي ۾  ٻوڏ ۾ ٽُٽل روڊ کي چونڊيل نمائندن, سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميه فنڊن جي کوٽ جو سبب ڏئي ٺھرائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو, ڊرگھ بالا کان جوهي ويندڙ ٽرانسپورٽ مالڪن سرڪاري ڪاوڙ غريب عوام مان ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏي پنجاھ رپين وارو ڀاڙو وڌائي ڊرگھ بالا کان جوهي تائين سئو رپيا مقرر ڪري ڇڏيو, مسافر بسن تي مسافر عورتن ٻارڙن جي ڀاڙو نه ڏيڻ تي تذليل ڀاڙن ۾ واڌ تي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ به پاڻمرادو اضافو ڪيو ويو آهي, نئين گاج ٻوڏ سبب ٽُٽل روڊ کي مهيني جو عرصو ته گذري ويو پر رستو مڪمل طرح بحال نه ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو