راڳي وحيد هڪڙو ۽ ارشادجاگيراڻي ۾ ٺاهه ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نوجوان راڳي ۽ ساعر وهيد هڪڙو ۽ اينڪر ارشاد جاگيراڻي ۾ ٺاهه ٿي ويو. وحيد هڪڙو منٿ ميڙ قافلو وٺي ارشاد جاگيراڻي کان معذرت ڪئي جنهن تي هن کيس معاف ڪري ڇڏيو. سينئر صحافي مشتاق سرڪي، سهراب سومرو ۽ ٻين گڏيل دوستن جي ڪوششن سان ٻنهي ۾ ٺاهه ٿي ويو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي بنهي ۾ الزام بازي شروع ٿي هئي، اڳرائي وحيد هڪڙو ڪئي هئي جنهن تي کيس جاگيراڻي معافي وٺڻ ۽ بدنام ڪرڻ تي قانوني نوٽيس جاري ڪيو هو. جنهن بعد ٻنهي جي گهڻگهرن وچ ۾ پئي ٺاهه ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو