‘نيوي ڪلب ڊاهي، افتتاح ڪندڙ ايڊمرل خلاف ڪيس داخل ڪريو‘

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راول ڊيم جي ڪناري تي نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت کي غير قانوني قرار ڏيندي ان کي ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي نيوي سيلنگ ڪلب کي ٽن هفتن ۾ ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت پنهنجي مختصر فيصلي ۾ لکيو ته پاڪ فوج کي اهم حيثيت حاصل آهي جيڪا آئين ۾ ڏنل آهي، نيوي کي رئيل اسٽيٽ وينچر ڪرڻ جو اختيار ناهي، اداري جو نالو ريئل اسٽيٽ بزنس لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اهو به لکيو آهي ته نيوي کي اين او سي جاري ڪرڻ جو اختيار نه آهي، پاڪستان نيوي نيشنل پارڪ ايريا تي حددخلين جو نشانو بڻي. عدالت لکيو ته اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي غير قانوني عمارت جو افتتاح ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ان ڪري غيرقانوني عمارت ۾ ملوث ماڻهن خلاف بدانتظامي ۽ فوجداري ڪارروائي ڪئي وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڊمرل (ر) ظفر محمود عباسي ۽ ٻين آفيسرن خلاف فوجداري ڪارروائي جو حڪم ڏيندي آڊيٽر جنرل کي بحريه فارمز جو آڊٽ ڪرڻ ۽ قومي خزاني کي نقصان جو اندازو لڳائڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو