رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ ڊي ايس پي جي ضمانت تي فيصلو محفوظ

ڪراچي (شهزادو مستوئي) دهشتگردي ٽوڙ خاص عدالت شاهه لطيف ٽائون ۾ ڦورو ڄاڻائي قومپرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي  قتل جي ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي جي عبوري ضمانت کي پڪو ڪرڻ بابت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد 14 جنوري تائين فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. عدالت اهڙو حڪم خميس تي ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ گرفتار رحيم شاهه ۽ ٻين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڏنو. عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي جي وڪيل اهو موقف اختيار ڪيو ته ڄاڻايل ڪيس ۾ گرفتار سب انسپيڪٽر جي اڳي ئي ضمانت ٿي چڪي آهي جنهن جي بنياد تي ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي جي به ضمانت منظور ڪئي وڃي جڏهن ته فريادي جي وڪيل اسد الله شاهه راشدي ۽ محمد خان شيخ ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي جي ضمانت واري درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته ڊي ايس پي سينئير آفيسر آهي جيڪڏهن هو چاهي ها ته ارشاد رانجهاڻي کي وقت سر اسپتال پهچائي سندس حياتي بچائي سگهي پيو پر ان ڄاڻي واڻي کيس اسپتال پهچائڻ ۾ دير ڪئي. هن چيو ته سندس خلاف واقعي جو اکين ڏٺو شاهد موجود آهي ۽ جيڪڏهن سندس ضمانت منظور ڪئي وئي ته هو ڪيس تي اثر انداز ٿيندو، ڇو ته هن وقت تائين اکين ڏٺي شاهد کي گم ڪيو ويو آهي، تنهنڪري گذارش آهي ته ڊي ايس پي جي ضمانت منظور نه ڪئي وڃي. جنهن بعد عدالت ڄاڻايل درخواست تي 14 جنوري تائين فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته رانجهاڻي قتل ڪيس جو مک جوابدار رحيم شاهه گرفتار ٿيل آهي ۽ هاءِ ڪورٽ سندس ضمانت رد ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ته شوڪت شاهاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت ڪرائڻ بعد خاص عدالت ۾ پيش ٿي عبوري ضمانت ڪرائي هئي. رحيم شاهه رانجهاڻي کي گوليون هڻي زخمي ڪيو هو ڪافي دير بعد جڏهن پوليس کيس اسپتال کڻي پئي وئي ته رحيم شاهه ايمبولينس جو پيڇو ڪري پوليس جي موجودگي ۾ زخمي رانجهاڻي کي ايمبولينس ۾ ٻيهر گوليون هڻي قتل ڪيو هو. مسلم ليگ (ن) جو رحيم شاهه سينئر پوليس آفيسرن جي مينهن جي واڙن جي رکوالي ڪندو آهي جنهن سبب انهن آفيسرن کيس بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي. هن ڪيس ۾ اهم موڙ ان وقت آيو جڏهن ايمبولينس ڊرائيور بيان ڏنو ته اسپتال ويندي ايمبولينس روڪي رحيم شاهه رانجهاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو. هن ڪيس بابت ڪراچي ۾ سنڌين جو وڏو احتجاجي ميڙاڪو منعقد ڪرائيندڙ صحافي مشتاق سرڪي موجب کيس رحيم شاهه جي دوست پوليس آفسيرن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪليو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو