رانجهاڻي قتل ڪيس جي مک ملزم جي ضمانت جي درخواست واپس

ملير(رپورٽ درياخان شر) ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جي مک جوابدار رحيم شاهه ضمانت جي درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي. اربع ڏينهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محبوب علي دايو وٽ ڪيس جي سماعت شروع ٿي ته جوابدار ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي۽ سب انسپڪٽر رياض عامر جي وڪيلن درخواست  ڏني  ته انهن جوابدارن  جي  مٿان قتل جو  ڪيس  ثابت  ڪو نه ٿوٿئي ۽ هن مهل تائين ڪو ٺوس ثبوت به سامهون ناهي آيو ان ڪري سندن ضمانت منظور ڪئي وڃي.  فريادي جي وڪلين ان جي مخالفت ڪئي. پيشي دوران رحيم شاھ پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل ضمانت  جي درخواست واپس وٺي ڇڏي. ڊپٽي  پراسيڪيوٽرجنرل قديرميمڻ تفصيلي دليل ڏنا، سپريم  ڪورٽ  ۽ ھاءِ ڪورٽ جي ڪيسن متعلقه ريفرنس پڻ ڏنا. هن اهم نقطو اهو اٿاريو ته قتل جي واقعي جي عيني شاهد مسعود  شاه  سمورن جوابدارن کي سڃاتو آهي ۽ اهو بيان ڏنو آهي ته ٻنهي پوليس اهلڪارن جي موجودگي ۾ رحيم شاه ارشاد رانجهاڻي کي ٻه فائرهنيا آھن ته پوء هنن کي ڪيئن ٿو آزاد  ڪري  سگهجي. فريادي جي  وڪيلن ۾  سائين  اسد شاه راشدي، محمد خان شيخ ، امير سولنگي، سڪندر شر ۽ شرف  الدين  جمالي پڻ موجود ھئا. ارشاد رانجهاڻي جا  ٻئي ڀائر  منور رانجهاڻي ۽ خالد رانجهاڻي به ڪورٽ ۾ موجود هئا۔ عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد وڌيڪ سماعت 25 مئي تائين  ملتوي ڪري  ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو