رانا شميم جونالو اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گلگت جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم جو نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ واري درخواست رد ڪئي وئي آھي، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، اطھر من الله درخواست تي ٻڌڻي جي شروعات ڪئي ته درخواستگذار  عورت وڪيلياڻي کان  استفسار ڪيو تھ اوھان توھين عدالت ڪيس ۾ ڪيئن ڌر بڻجي سگھو ٿا، ان تي وڪيل چيو تھ اڳوڻي چيف جسٽس، ثاقب نثار بابت معلومات رکان ٿي، ان تي جسٽس اطھر من اللھ چيو تھ ان کي ڇڏيو، توھين عدالت ڪيس ۾ تھ عدالت جو پنھنجو معاملو ھوندو آھي. درخواستگذار جي وڪيل راءِ نواز کرل استدعا ڪئي تھ رانا شميم جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي يا ھُن کي پاسپورٽ سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، ان تي چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ چيو تھ ھي حڪومت جو ڪم آھي ان تي عدالت جو ڪم تھ نھ آھي. عدالت درخواستگذار جي وڪيل جي دليلن تي درخواست ٻڌڻي جوڳي ھجڻ  بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، عدالت رانا شميم جو نالو اي سي ايل ۾ وجھڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ياد رهي ته رانا شميم چيو هو ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار 2018 جي عام چونڊن تائين نواز شريف ۽ مريم نواز کي جيل ۾ رکڻ ۽ سندن ضمانت منظور نه ڪرڻ بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي فون تي حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو