راشن مائٽن ۾ تقسيم، غريبن جون پٽون ۽ پاراتا

ٺڪراٺو(حضرت گل) سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪيل اعلان لاڪ ڊائون کانپوءِ متاثر ٿيل  مزدور طبقي لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڪيل راشن جي اعلان مطابق ٺڪراٺو جي ٻن يوسين مبارڪپور ۽ روپهر لاء مختيار ڪار پنوعاقل  پاران موڪليل راشن سفارش جي ور چڙهي ويو ، يوسي جي چيئرمين ۽ ضلعي ميمبرن پاران پنهنجا نواز پاليسي تحت پنهنجي ماڻھن جي لسٽ روينيو ڊپارٽمينٽ حوالي ڪئي ويئي ، جنهن مطابق روينيو جي لوڪل ماڻهن پاران اها جاچ نه ڪئي ويئي ته يوسي روپهر جي هڪ ئي ڳوٺ ۾ پوري يوسي لاءِ آيل راشن ورهايو ويو ، باقي يوسي جي  3 وارڊن کي نظر انداز ڪيو ويو ، ميڊيا پاران روينيو جي ماڻهن سان رابطو ڪرڻ تي انهن ٻڌايو ته اسان کي چيئرمينن پاران جيڪا لسٽ ڏني ويئي آهي انهن ۾ ئي راشن تقسيم ڪيون ٿا. اهڙي عمل خلاف متاثرين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جن ميڊيا کي ٻڌايو ته چيئرمين پنهنجي مٽن مائٽن ۾ راشن ورهائي رهيا آهن. ورهايل راشن جي لسٽ وٺي ڪري جاچ ڪئي وڃي ته سڄي خبر پئجي ويندي. غريبن ۽ يتمين جو مال کائيندڙن کي خدا پڄندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو