راجا جي اباڻي ڳوٺ واري ڊسپينسري جو ڪم بند، ماڻهن ٽوائلٽ ٺاهي ڇڏيو

سانگهڙ( عزيزالرحمان) پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويزاشرف جي اباڻي ڳوٺ چڪ نمبر يارنهن جي ڊسپينسري   ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ڇهن سال گزرڻ باوجود غيرفعال بڻيل آهي. راجه پرويزاشرف پنهنجي اباڻي ڳوٺ جتي  سندس پارٽي جا ووٽ به نالي ماتر هئا، ان کي مثالي ڳوٺ ٺاهڻ لا۽ وزير اعظم پاڪستان جي فنڊ مان ڊسپينسري ٺهرائي. ڊسپينسري   جي بلڊنگ جي عمارت جو ڪم 90 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو ان جي وچ ۾ پيلز پارٽي جي حڪومت جو مدو پورو ٿي ويو ۽ ڊسپينسري   جو ڪم بند ٿي ويو ۽ ڳوٺاڻن کي ڪو فائدو نه پهتو. ڪم اڌ ۾ بند ٿيڻ ڪري آس پاس جا ماڻهو ان عمارت کي ٽوائلٽ طور استعمال ڪن ٿا. پوري ڳوٺ جو گند ڪچرو به عمارت جي آس پاس ڦٽو ڪيو وڃي ٿو. ڳوٺاڻن يوسف سلهري، نواز سلهري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ڇيو ته اسين پيلزپارتي جي ڪو چيئرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ٿا ڪريون ته ٺهندڙ گورنمنٽ ڊسپينسري  جي عمارت کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ مڪمل اسٽاف مقرر ڪيو وڃي جئين چڪ نمبر يارنهن ۽ آس پاس وارن ڳوٺن جي عوام کي ڪو فائدو ملي سگھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو