رائيس مل انتظاميه خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

گهارو(رپورٽ بشام جوکيو) سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي قديمي ڳوٺاڻن جو رائيس  مل انتظاميا خلاف مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو انهي موقعي تي ڳوٺاڻن صدام ڪڇي ،عاشق زيب جوکيو ،محمد بلوچ ،اسماعيل ميندرو ،حاجي نورمحمد ڪڇي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهيندي چيو ته ڀنڀور روڊ تي قائم نجي رائيس مل جي انتظاميا سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور، ڳوٺ ھاشم ڪڇي ،عبدالوهاب جوکيو،بخاري ڳوٺ ،هاشم زنگياڻي ڳوٺ سميت مختلف ڳوٺن ڏانهن ويندڙ مين روڊ تي هيوي گاڏيون بيهڻ سبب روڊ مڪمل طور تي جام ٿي ٿو وڃي اسڪول ويندڙ ٻارن سميت مريضن سميت علائقي واسي سخت مشڪلات ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا آھين هنن وڌيڪ چيو ته رائيس مل جي انتظاميا پنهجي ڏاڍ  ۽ بدمعاشي تي قائم رهندي هر روز مقامي ماڻھن جي تذليل ڪن ٿا جيڪڏھن انهن جي زيادتين خلاف احتجاج ٿو ڪري ته ان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هيسائي چپ ڪرايو ٿو وڃي. اسين مقامي چونڊيل نمائندن ۽ صنعت جي وزير کان اپيل ٿا ڪريون ته فوري طور تي رائيس مل انتظاميا جي زيادتين جو نوٽس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو