رائلٽي ملي نه ئي نوڪريون، ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ( ڊ ر) ڳوٺ بالاچ ڀنگوار جي رهواسين جو پي پي ايل انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو، مظاهرين دانهيندي چيو ته اسان جي رجسٽرڊ زمين مان گيس نڪتي پر پي پي ايل انتظاميا اسان کي پنهنجو حق نه ڏنو، قانون مطابق جنهن جي زمين مان گيس  نڪري ته ان کي رئلٽي ڏني ويندي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته پي پي ايل انتظاميا اسان کي پنجاھ نوڪرين ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر هو ان واعدي تان ڦري ويا آهن. هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف  ڪري اسان کي پنهنجا حق وٺرائي ڏنا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو