ديوارن کي پينٽنگ سان خوبصورت بڻائيندڙ سارنگ سنڌو

تحرير: اعجاز تيوڻو

رب ڪريم انسان کي اھڙو ته عقل  ۽ ذھن سان نوازيو آھي جو انسان پنھنجي عقل کي استعمال ۾ آڻيندي اھڙيون تہ شيون ٺاھيون اٿائين جو ڏسي ماڻھو حيران ٿيو وڃي خاص ڪري آرٽ جي حوالي سان ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخ ۾ پڻ آرٽ جي تمام گھڻي شاھوڪار تاريخ ملي آھي موئن جو دڙو ھجي يا مڪلي جو قبرستان ھجي يا وري تاريخي ماڳ ھجن انھن ۾ خوبصورت آرٽ نظر ايندا پراڻو دور ھجي يا جديد دور ان ۾ انسان به پاڻ کي تبديل ڪندو رھيو آھي پراڻي دور ۽ ھاڻي واري دور جي حساب سان انسان جي رھڻي سھڻي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي پر پراڻي دور واريون آرٽ جون شيون اڄ ايتريون دلفريب آھن جو دل چوندي آهي انھن کي پيو ڏسجي تصويرون ھجن يا ڀتين تي وال پينٽنگ جو ڪم ھجي پينٽنگ جو جڏھن به ذڪر اچي ٿو ته کوڙ سارن مصورن آرٽسٽن جا نالا ذھن ۾ اچن ٿا جن پنھنجي ھٿ جي ھنر سان نه صرف پورٽريٽ ٺاھيا پر ديوارن کي پنھنجي خوبصورت پينٽنگ سان چمڪايو مان اتي ذڪر ڪندس نوابشاهه سان تعلق رکندڙ سارنگ سنڌو جو جنھن پڻ پنھنجي محنت سان ديوارن تي اھڙي تہ خوبصورت پينٽنگ ڪئي جو ماڻھو ڏسي حيران ٿي ويا ته ھي ڪم به شايد مشينري سان ڪيو ويو آهي پر انھن کي جڏھن خبر پئي ته ھي ڪم ھٿ جي محنت سان ڪيو ويو آهي ته اھي دادا ڏيڻ کان رھجي نه سگھيا سارنگ سنڌو بابت ٿوري آگاھي ڏيندو ھلان ته نوابشاھ جي هن نوجوان سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائين آرٽس ۾ بي اي ڪئي، مسلسل بيروزگار رهندڙ سارنگ سنڌو نوابشاھ، خيرپور، شڪارپور ،ڀٽ شاھ، ٽنڊوالهيار، مٺي، کپرو، شاھپور چاڪر ،جيڪب آباد حيدرآباد، ڪراچي، سڪرنڊ ۽ ملتان جي ديوارين تي خوبصورت رنگ وکيري آرٽ جا نوان لاڙا متعارف ڪرايا،

نوابشاهه جي ديوارن 60 هزار اسڪوائر فٽ جون پينٽنگ ٺاهي هڪ نئون عالمي رڪارڊ ٺاهيو آهي پر سرڪاري سرپرستي نه هجڻ جي ڪري ان ريڪارڊ سرڪاري پذيرائي ناهي ملي سگهي هن جو والد قائد عوام يونيورسٽي نوابشاھ ۾ چوڪيدار رهيو، سارنگ سنڌو پيءُ سان گڏجي هوٽل پڻ هلائي سارنگ سنڌو جون حيدرآباد، ڄامشوري، نوابشاهه ۽ اسلام آباد ۾ پينٽنگ جون نمائش لڳي چڪيون آهن،عام طور هر ماڻهو تڪليفن ۽ دردن مان گذرندو آهي پر مان ايئن چوندس ته سارنگ سنڌو اهو شخص آهي، جنهن مان تڪيلفون گذريون آهن، هن ماڻهوءَ مان درد، ڏک سڀ رستو ٺاهي لنگهيا آهن، پر زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي هن بي رحم سماج ۾ هن ڪڏهن به شڪست ناھي قبولي، هن هميشہ انهن سختين جو مقابلو ڪيو آهي ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناھي ته آرٽسٽ ھميشه خانا بدوش خيالن جو مالڪ رھيو آھي ھو چاھيندو آھي ته ڪا اھڙي شيء تيار ڪجي جيڪا پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ شاھڪار ھجي آرٽسٽ به ڪنھن مزدوري کان گھٽ ناھي ان آرٽ کي صدين جي قديم تھذيب کي محفوظ تي ڪري سگھجي ٿو پر معاشري م ان جو قدر گھٽ ھوندو آھي ھن وقت ضلع انتظاميه شھيد بينظيرآباد جي سهڪار سان سارنگ سنڌو کان ضلعي جي مختلف ديوارن ۽ شهر جي مختلف فلائي اوورز تي آرٽ جو ڪم شروع ڪرايو ويو آهي خاص ڪري سڪرنڊ  شھيد بينظير ڀٽو فلائي اوور تي سنڌ جي ثقافت اجرڪ نما پينٽنگ ڪرائي وئي آهي جيڪا ڏسڻ وٽان آھي اجرڪ جي رنگن واري پينٽنگ نوجوان آرٽسٽ سارنگ سنڌو ڪئي آھي جيڪا به گاڏي ان پل مٿان يا ھيٺيان گذري ٿي گھڙي کن لاءِ گاڏي روڪي ماڻھو پينٽنگ کي ضرور ڏسن ٿا ۽ ان جا وڊيو ۽ فوٽو ڪڍي سوشل ميڊيا تي شئير ڪري رھيا آھن ۽ ھن وقت اھا پل سوشل ميڊيا جو مرڪز بڻيل آهي مان اتي سنڌ حڪومت کي گذارش ڪندس ته سارنگ سنڌو سميت ھر ان آرٽسٽ جي مدد ڪري کيس سرڪاري ليول تي انھن جي ڪم جي پذيرائي ڪري کيس نوڪري ڏني وڃي ته جئين ھو وڌيڪ محنت ڪري پنھنجي پينٽنگ سان ملڪ،صوبي ۽ ضلعي جو نالو روشن ڪري سگھي.

اڃان برش کي ھو وڌي وڻ ٿيڻو

رنگن کي نديءَ ۾ ھُيؤ ھيٺ وھڻو

ستاري کي تصوير ۾ ھو اڇلڻو

جبل کي ھتان کان کڻي ھت رکڻو

پهنجو تبصرو موڪليو