ديدار شام ۽ قومي ڪارڪنن کي کڀني گم ڪرڻ خلاف احتجاج

نواب شاھ (اي ڪي ڏاھري ) جسقم جي مرڪزي پريس سيڪريٽري ديدار شام ۽ ٻين ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف جسقم پاران سائين جي ايم سيد چونڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو پھچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جتي اڳواڻن  علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ ،ھدايت الله تنيو ، بابو سنڌي ۽ ٻين چيو ته پرامن اڳواڻن کي بيگناه کنڀڻ واري ڪڌي عمل جي مذمت ڪيون ٿا. سنڌ سان عشق ڪرڻ ۽ سنڌ جي حفاظت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قومي تحريڪ جي مٿان آپريشن ڪيو پيو وڃي اهڙي غير اخلاقي، غير سياسي، غير جمهوري ۽ غيرقانوني عمل جو دنيا جي مهذب ملڪن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. هنن وڌيڪ چيو ته جسقم پرامن جماعت آهي ، حڪمران اسان جي پرامن سياسي جدوجهد کان ڇرڪيل ۽ خوفزده آهن دنيا پرامن سياسي جدوجهد کي تسليم ڪري ٿي ۽ پرامن سياست جو ئي مستقبل آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو