دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندڙ پوليس اهلڪار عدالت طلب

دادو(ن سنڌيار) سيتا ۾ پوليس جمعدار پاران مسمات بشيران کوسو جي رستا روڪ ڪري ناجائز لاڳاپا رکڻ لاءِ حراسان ڪرڻ تي مسمات بشيران عدالت پهچي وئي، جج کي ڏنل درخواست ۾ هن چيو آهي ته ٻارن کي اسڪول ڇڏي واپس گهر پئي آيس ته جمعدار بدرالدين اڳ جهلي دوستي لاءِ زور ڀريو، انڪار تي جمعدار پنهنجي ساٿين جمن ۽ سپاهي ممتاز کي در تي موڪليو، جن زور ڀريو ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، مسمات بشيران زال مٺل کوسو جي درخواست تي سيشن جج دادو جي عدالت پوليس جمعدار کي 9 آگسٽ تي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو