دودي جي وارثن جو چيڪ وٺڻ کان انڪار، گرفتار اڳواڻ آزاد ڪريو

اسلام ڪوٽ(صادق بجير) دودو ڀيل معاملي تي سنڌ جي وڏي وزير پاران جوڙيل 3 رڪني وزيرن جي ڪميٽي مقتول جي وارثن ۽ صحافين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي امتياز شيخ چيو ته اسين دودو ڀيل جي وارثن سان همدردي ۽ تعزيت لاءِ آيا آهيون. ڪميٽي جي ميبرن سردار شاهه ۽ تيمور ٽالپر سان گڏ وڏي وزير جا صلاحڪار ۽ خاص مددگار به هئا. امتياز شيخ ڪمپني پاران پورهيتن تي داخل چوري جو ڪيس ختم ڪرن جو اعلان ڪيو، صهافين تي ٿيل پوليس تشدد تي هن معذرت ڪئي. هن چيو ته ايس ايس پي حسن سردار نيازي خلاف جاچ ٿيندي ان بعد سندس بدلي جو فيصلو ٿيندو، لجپت ڀيل ۽ ٻين تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرڻ بابت هن چيو ته جاچ بعد بيگناهه سڀ آزاد ٿيندا.ٿر ڪول بلاڪ هڪ ۾ ڪمپني بابت ڪافي شڪايتون آهن ضرورت پئي ته ان کي بند ڪبو. ڪجهه ماڻهن هن واقعي کي سياسي رنگ ڏنو، ڪمانڊر ڪاشف سميت ملوث گارڊز کي ڪمپني نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته دودو ڀيل جي وارثن کي حڪومت چيڪ پيش ڪيو جيڪو هنن وٺڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته جيسين گرفتار ڌرڻي جي اڳواڻن لجپت ڀيل ۽ ٻين کي آزاد نه ڪيوويندو تيسين هو ڪاب حڪومتي آفر قبول نه ڪندا. ياد رهي ته حڪومت دودو ڀيل جي وارثن کي هڪ ڪروڙ روڪ ۽ هڪ نوڪري ڏيڻ ۽ سندس ٻن ساٿي زخمين کي پنجاهه پنجاهه لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو