دودو ڀيل ڌرڻو، پوليس جي فائرنگ ۽ شيلنگ 40 گرفتار

اسلام ڪوٽ (ن سنڌيار) دودي ڀيل جي قتل خلاف لڳل ڌرڻي مٿان پوليس جو تشدد، لٺ بازي، هوائي فائرنگ ۽ ڳوڙاه گيس جو استمال ڪندي کين منتشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڌرڻي ۾ شامل عورتن توڙي ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، پوليس 150 جي لڳ ڀڳ احتجاج ڪندڙن تي دهشتگردي ايڪٽ هيٺ ڪيس داخل ڪندي 40 ڄڻن کي گرفتار ڪيو جن مان 9 ڄڻن جي گرفتار ظاهر ڪئي آهي.  جن ۾ لجپت سوراڻي، ڪامريڊ گومون ڀيل، سوائي ڀيل، مٺو ڀيل، جھامن داس، مھرو، نندو، ڏيوجي ۽ چنو شامل آهن. پ

Dodo Bheel sit in shelling by police, Photo Sindhyar

وليس کين دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميرپورخاص ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو. اي ٽي سي جج موڪل تي ھئڻ ۽ عدالتي وقت پورو ٿيڻ ڪري پوليس گرفتار اڳواڻن کي عدالت ۾ پيش ڪري نه سگهي جنهن ڪري رمانڊ نه ملي سگھيو، سڀاڻي ٻيھر پيش ڪرڻ جا امڪان. عدالت ۾ پيش ڪرڻ وقت وڪيل سترام سوناڻي، ڪانجي مل ميگھواڙ، سترام ڀيل ظھير نھڙي به پھچي ويا. ان کان اڳ سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌ بچايو مارچ داڪٽر قادر مگسي جي سربراهي ۾ اسلام ڪوٽ پهتو، رياض چانديو، قادر رانٽو ۽ بين اڳواڻڻ چيو ته پرامن مظاهرين تي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا،

Photo Sindhyar

هنن چيو ته بحريا ٽائون ۽ ٿر ڪول جهڙا منصوبا جوڙي سنڌين خلاف سازش ڪئي پئي وڃي.  ٽائون موڙ تي جلوس وڏي جلسي جي صورت اختيار ڪري ورتي. هنن مطالبو ڪيو ته دودو ڀيل جا قاتل گرفتار ڪريو، ڌرتي ڌڻين سان غلامن واروسلوڪ بند ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو