دودو ڀيل معامرو، ڌرڻو ختم، آخري رسمون ادا، تعزيت جاري

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )ٿرڪول جي سيڪيورٽي گارڊن هٿان تشدد بعد فوت ٿيل پورهيت جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون. 24 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ٿرڪول بلاڪ 2 ۾ 18 ڏينهن اڳ چوري جي الزام هيٺ ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊن پاران يرغمال بڻائي ڏھ ڏينهن تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد فوت ٿيل ويل ڳوٺ ابن تڙ واسي پورهيت دودي ڀيل جي وارثن پاران لاش رکي انصاف لاءِ هنيل ڌرڻو 24 ڪلاڪن بعد پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي،پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي ۽ سينيٽر انجنيئر گيانچند ٿاهراڻي جي خاطري تي ختم ڪيو ويو،گذريل رات دير سان پ پ جي چونڊيل نمائيندن پهچي مقتول جي وارثن سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائڻ ۽ جوابدارن کي 24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪرڻ جي يقين ڌياني تي وارثن هنيل ڌرڻو ختم ڪيو،جنهن بعد لاش کي اسلام ڪوٽ جي اسپتال آندو ويو،جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو،پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ ڊاڪٽرن پاران دودي ڀيل تي وحشياڻو تشدد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي،پوسٽ مارٽم ڪندڙن ڊاڪٽرن جي ٽيم موجب ته دودي ڀيل تي تمام گهڻو تشدد ٿيل هو،لاش پوسٽ مارٽم بعد ڳوٺ پهچايو ويو،جتي فوتي جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون ۽ مڙھ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،جڏهن ته دودي ڀيل جو قتل ڪيس ڪمپني جي ڪمانڊو سميت چئن ڄڻن تي داخل ٿيڻ باوجود جوابدار قانون کان ڏاڍا ٿي ويا آهن جيڪي پڪڙ ۾ اچي ناهن سگهيا،وارثن کان چونڊيل نمائيندن پاران ورتل 24 ڪلاڪن واري مهلت به ختم ٿي ويئي آهي،مقتول دودي جي گهر ۾ قهرام متل آهي،پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي وارثن وٽ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهائيندي چيو ته اسان هن ڏُکي گهڙي ۾ توهان سان گڏ آهيون،دودي ڀيل کي تشدد ڪرڻ جو ڪنهن کي به اختيار نه هو،جيڪو ٿيو آهي اُهو انتهائي غلط ٿيو آهي،اسان مذمت ڪيون ٿا،واعدو ڪيون ٿا ۽ يقين ٿا ڏياريون ته صرف 24 ڪلاڪ مهلت ڏيو،جوابدار گرفتار ٿيندا،پوليس واعدو ڪيو آهي ته جوابدار هر صورت ۾ گرفتار ڪبا،پ پ جي سموري قيادت توهان سان گڏ آهي،وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ صوبائي وزير امتياز شيخ به معاملي جو نوٽيس ورتو آهي،مون پاڻ ايس ايس پي سان ڳالهايو آهي ته جوابدار گرفتار ٿيڻ کپن،انشاءُ اللّه دودي ڀيل جي خون سان انصاف ٿيندو،دودو ڀيل رُڳو اوهانجو نه پر اسان جو به ٻچو آهي،صوبائي صلاحڪار پونجو مل ڀيل متاثرين وٽ پهتو،تعزيت ڪندي تفصيل ورتا،جتي پونجومل ڀيل چيو ته اينگرو ڪمپني اصل ڪوئلي جي وارثن سان ظلم ڪري رهي آهي،پورهيت دودي ڀيل کي سيڪيورٽي گارڊن پنهنجي نجي جيل ۾ قيد ڪري قتل ڪيو آهي،مقتول جو قتل ڪيس اينگرو ڪمپني جي سي اي او تي به داخل ٿيڻ گُهرجي ها ڇو ته هي ڪمانڊو اُنهي جي انڊر ۾ ڪم ڪن ٿا،سيڪيورٽي گارڊن سان گڏ ڪمپني جو سي اي او ابوالفضل رضوي به اوتروئي ڏوهاري آهي،هتي جي ڌرتي ڌڻين سان ڪمپنيون ظلم ڪري رهيون آهن،جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين،معاملي جو وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ صوبائي وزير امتياز شيخ نوٽيس ورتو آهي،اسان متاثرين جي هرممڪن مدد ڪنداسين،آئون هڪ وڪيل جي حيثيت ۾ مقتول جو ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ مفت وڙهڻ جو اعلان ڪيان ٿو،وڪيلن جو سمورو پينل گڏ ڏيان ٿو،وارث ڪيس کي قانوني طريقي سان مضبوط ڪن،اسان جي پارٽي قيادت جا سمورا مقامي چونڊيل نمائيندا اڳ ۾ ئي دودي ڀيل واري ڪيس تي اسٽينڊ وٺي بيٺل آهن،آئون هي معاملو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تائين پهچائيندس،هوڏانهن دودي ڀيل جي وارثن پيءُ ڪرنو ۽ ٻين ملهو ڀيل،مورو ڀيل سميت عورتن پاران ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف صحافين آڏو دانهون ڪندي احتجاج ڪيو. مقتول دودو ڀيل گهر ۾ اڪيلو ڪمائڻ وارو هو،مقتول پويان پيرسن پيءُ،ماءُ،گهر واري ۽ ٻه معصوم ٻارڙا سوڳوار ڇڏيا آهن. مقتول جي تڏي تي ارباب گروپ جي اڳواڻن اڳوڻو ضلعي ناظم ارباب انور،حاجي زاهد نون ۽ ٻين پهچي تعذيت جو اظهار ڪيو ان موقعي تي هنن چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي اسين سخت لفظن ۾ مزمت ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو