دودو ڀيل جا اصل قاتل گرفتار ڪريو، عوامي ڌرڻو، روڊ بلاڪ

اسلام ڪوٽ (رپورٽ صادق بجير)پورهيت دودي ڀيل جا قاتل گرفتار ڪريو،بي آء ايف جي سڏ تي اسلام ڪوٽ ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي،ڌرڻو روڊ بلاڪ،گاڏيون بيهجي ويون،ريلي دوران شهر بند،قاتلن جي گرفتاري لاء سخت نعريبازي، ٿرڪول بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ پورهيت تي ڪمپني مان اسڪريپ جي چوري ڪيس ۾ خانگي سيڪيورٽي گارڊن مٿس تشدد ڪيو هو جنهن سبب فوت ٿي ويو هو. پي پي اڳواڻن جي خاطري تي ڪيس داخل ٿيو جنهن ۾ ڪاشف، قمر، حذيفا ملڪ ۽  هڪ نامعلوم  سميت چئن جوابدار نامزد هئا. ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود گهربل جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا ۽ ڄاڻايل جوابدارن ڪراچي جي هاء ڪورٽ مان  15 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪرائي ورتي،جنهن بعد گذريل ڏينهن بي آء ايف ۽ ٿر سماجي تحريڪ جي سڏ تي آچر تي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف شٽر بند هڙتال ڪندي ڌرڻو هنيو ويو. بي آءِ ايف جي اڳواڻ لڄپت ڀيل،سماجي تحريڪ جي عبدالعزيز هاليپوٽو،اسلم ملاح جي اڳواڻي هزارين ماڻهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، تعمير بئنڪ واري  موڙ کان احتجاجي ريلي ڪڍي. پي ٽي آء جو اڳواڻ وڪيل  لڄپت سوراڻي به وڏي قافلي جي صورت ۾ شريڪ ٿيو آهي،ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻ توڙي متاثرن جو چوڻ آهي ته ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون ڪوئلي جي وارثن سان زيادتيون ڪري رهيون آهن جيڪي هاڻي حد درجي تائين وڌي ويون آهن. پوليس ڊرامو ڪندي 8 سيڪيورٽي گارڊن کي گرفتار ڪيو آهي جيڪي ڪيس ۾ گهربل ئي نه آهن.پوليس ونگار وهي رهي آهي،  ٿرجا سمورا چونڊيل نمائنده به ڪمپنين آڏو بيوس بڻيل آهن. ڌرڻو شام تائين جاري رهيو روڊ بلاڪ آهن جنهن سبب ڪيتريون ئي ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو