دوائون ۽ عملو غائب،اسپتال رولو ڪتن جو ٺڪاڻو بڻيل

اوٻاوڙو(غلام علي رند) تعلقي جي سول اسپتال ۾ علاج جوان سهولتون ۽ دوائون ته ڪون ٿيون ملن ۽ عملو به اڪثر غاب ٿو رهي پر رولو ڪتا هر وقت ويٺل نظر اچن ٿا. ڊاڪٽر نجي ڪلينڪون هلائن ٿا ۽ سرڪاري ڊيوٽي کي اهميت نٿا ڏين. يارهين وڳي بعد اڪثر عملو غائب رهي ٿو. ايمرجنسي کي به تالو لڳايو ٿو وڃي. مريض انتظار ڪندي واپس هليا وڃن ٿا. مريضن پاران وس وارن کان نوٽس جي گهر، گوسڙو ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ۽ ان سان گڏو گڏ سنڌ سرڪار کان اهو مطالبو به ڪيو ويو آھي ته سول اسپتال اوٻاوڙو ۾ دوائن جي کوٽ آھي جنهن کي پورو ڪري عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو