دهشتگردي ۾ ڀارت جي ملوث جا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا,قريشي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ علاقائي سلامتي ۽ ترجيحات بابت مشاورتي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قومي سلامتي جي معاون خصوصي معيد يوسف، سيڪريٽري  خارجه سهيل محمود، اعلي عسڪري اختيارين ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ڪورونا، والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ خطي کي پيش ايندڙ چيلنجن تي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪورونا جي دوران والاريل ڪشمير ۾ پرتشدد ڪارروايون ڳڻتي جوڳيون آهن جڏهن ته اسان دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا پڪا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن.شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڀارت جي هندوتوا سوچ تي ٻڌل پاليسين خطي ۾ خطرن کي وڌائي ڇڏيو آهي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبن جي فوري طور تي تڪميل اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پوري خطي جي انتهائي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو