دهشتگردي جا تازا واقعا افغان صورتحال سبب آهن،فوجي ترجمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ دهشتگردي جا واقعا افغانستان ۾ پيدا ٿيل صورتحال سان جڙيل آهي.اهڙو اظهار فوج جي تعلقات عامه جي اداري جي سربراه ميجر جنرل بابر افتخار 92 نيوز جي اينڪر معيد پيرزادو کي ڏنل انٽروي ۾ ڪيو. هن چيو ته دھشتگردن جا سليپر سيل ٻيھر سامھون اچڻ جو خدشو آھي، خطي جي صورتحال نظر ۾ آھي، افغان امن جي ڪاميابي جي لاءِ پنھنجو ڪردار سنجيدگي سان ادا ڪري رھيا آھيون ۽ پاڪستان امن عمل جي لاءِ ڪابھ ڪسر ناھي ڇڏي. ھن چيو تھ پوري صورتحال جا اسين ضامن ناھيون، آخر ڪار فيصلو افغانين کي ئي ڪرڻو آھي ته کين ڪيئن اڳيان وڌڻو آھي، پر امن افغانستان ۾ بھ سڀني کان وڌيڪ اسٽيڪ پاڪستان جو آھي. ھن چيو تھ افغانستان ۾ صورتحال سبب دھشتگردن جي سليپر سيل ٻيھر سامھون اچڻ جو خدشو آھي، دھشتگردن جي ڊگھي ۽ صبر آزما جنگ وڙھي، بي مثال ڪاميابيون ماڻيون، افغان باردر تي غير قانوني ڪراسنگ پوائنٽ سيل ڪري ڇڏيا آھن، نوٽيفائيڊ پوائنٽس تي ريگولر دستھ وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن. ترجمان پاڪ فوج جو چوڻ ھو تھ افغانستان سان گڏ پاڪستان جو امن ڳنڍيل آھي، ويجھڙائي ۾ ٿيندڙ واقعن جي ٻئي پاسي جي صورتحال سان تعلق ٺھي ٿو، پاڪستان ۾ آپريشنز سبب دھشتگردن جو ڪو منظم اسٽرڪچر ناھي، انھن سڀني نيٽ ورڪس جي ليڊر شپ افغانستان ۾ ويٺل آھي، جن جي ليڊرشپ کي را ۽ اين ڊي ايس جي سپورٽ حاصل رھي آھي.ھن وڌيڪ چيو تھ ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دھشتگردي جا ننڍا وڏا 150 واقعا ٿي چڪا، قبائلي علائقن ۽ بلوچستان ۾ 7500 آپريشن ڪيا جنھن ۾ ھن مھل تائين 42 دھشتگردن کي ماريو ويو آھي، اسان جا پنھنجا ڪيترائي جوان ۽ آفيسر شھيد ۽ زخمي ٿيا. ھن جو چوڻ ھو تھ پاڪ فوج ملڪ دشمن عنصرن جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ھر وقت تيار آھي. امن ۽ترقي جي دشمنن کي ڪامياب نھ ٿيڻ ڏينداسين، گذريل 20 سالن ۾ قوم جي سھڪار سان گڏ دھشتگردي جي خلاف جنگ وڙھي جنھن ۾ اربين ڊالر جو نقصان ٿي چڪو آھي. ڊي جي جي آئي ايس پي آر جو چوڻ ھو تھ اسان جي پاسي ڪنڊي دار تار افغانستان جي لاءِ بھ فائديمند آھي. افغان آرمي چيف ڪنڊي دار تار کي امن جي ڪنڊي دار تار چيو آھي اھا ڪنھن کي ورھائيندي نھ. ڪنڊي دار تار امن کي ڊيگھھ ڏيندي ۽ غلط فھمين کي ختم ڪندي. ھن جو چوڻ ھو تھ پنھنجي سرزمين ڪنھن جي خلاف استعمال نھ ٿيڻ ڏينداسين نھ ئي توقع آھي تھ ڪو ٻيو بھ پنھنجي سرزمين اسان جي خلاف استعمال ٿيڻ ڏيندو. ڀارت جي افغانستان ۾ ڪردار تي ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ ھو تھ افغانستان ۾ ڀارت جو وڏو اثر آھي. ڀارت افغانستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي تھ جيئن قدم ڄمائي پاڪستان کي نقصان پھچائي سگھن. ھن جو چوڻ ھو تھ اسان وٽ شاھديون بھ آھن ۽ گذريل نومبر ۾ عالمي برادري سان گڏ ڊوزيئر شيئر ڪيو ھو جنھن ۾ ٻڌايو تھ ڀارت افغانستان ۾ انٽيليجنس ايجنسيز کي استعمال ڪري ٽي ٽي پي جھڙي پاڪستان دشمن تنظيمن کي ٻيھر منظم ڪيو، افغانستان ۾ پابندي مڙھيل ٽي ٽي پي جا 62 ڪئمپ ھئا، ڀارت طرفان جيڪو سگنل اچي رھيا آھن واضح ڪيو تھ اھي مايوس آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ افغانستان ۾ ڀارت جو اثر اھڙي طرح نھ رھي سگھندو، انھيءَ صورتحال کي خراب ڪندڙ  ڀارت آھي، انٽيليجنس ايجنسيز گري زون ۾ آپريشن ڪنديون آھن. ڊي جي آئي ايس پي آر موجب افغانستان پرامن ۽ مستحڪم آھي تھ ڪابل ۾ جيڪو بھ ويٺل آھي انھيءَ سان فرق نھ پوندو، افغانستان پرامن مستحڪم آھي تھ ڀارت جي لاءِ اتان ويھي پاڪستان خلاف آپريٽ ڪرڻ انتھائي مشڪل ٿيندو. افغان نائب صدر جي بيان تي ترجمان پاڪ فوج جو چوڻ ھو تھ سندس الزام بلڪل غلط  ۽ بي بنياد آھي. سڀئي ملڪ پنھنجن علائقن ۾ پنھنجي طريقي سان ايڪٽ ڪرڻ جو حق رکن ٿا، افغان فورسز پنھنجي علائقي ۾ آپريٽ ڪري رھيون آھن. ھن ٻڌايو تھ انھيءَ مھيني جي شروع ۾ افغانستان جا 40 فوجي ويڙھھ ھئڻ سبب پاڪستان اچي ويا ھئا، افغان فوجين کي پروٽوڪول سان گڏ افغان حڪومت کي ٻڌائي باجوڙ جي رستي انھن جي حوالي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو