دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد اهلڪارن جي جنازي نماز ادا

راولپنڊي (پ ر) بلوچستان ۾ ڪوسٽل هاءِ وي تي اورماڙا ويجهو سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ مقابلي ۾  ايف سي جا 7 اهڪار ۽ 7 سڪيورٽي گارڊ شهيد ٿي ويا هئا، تن جي جمعي تي صبح جو جنازي جي نماز ادا ڪري شهيد ن جا مڙهه قومي جهنڊي ۾ ويڙهي اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا.

Photo Twitter

جنازي نماز ۾ فوجي آفيسرن ۽ اهلڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گذريل رات دير سان پيش آيل واقعي بابت آءِ ايس پي آر موجب او جي ڊي سي ايل جو قافلو سڪيورٽي فورسز جي حفاظت ۾ گوادر کان ڪراچي وڃي رهيو هو ته، دهشتگردن حملو ڪيو، فورسز وقت سر جوابي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن کي وڏو نقصان پهچايو ۽ قافلي کي حفاظت سان ٻاهر روانو ڪيو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ امن ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ وارِي دشمن جي بزدلاڻي ڪارروائي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، علائقي کي ڪڙو چاڙهي دهشتگردن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو