دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ پهرين ترجيح آهي؛ گورنر اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورنر اسٽيٽ بينڪ رضا باقر چيو آهي ته مالياتي جرم اسٽيٽ بينڪ لاءِ انتهائي اهم مسئلو آهي ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ اسان جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. ڪراچي ۾ ٻئي فنانشل ڪرائم سمٽ کي خطاب دوران رضا باقر چيو ته اسٽيٽ بينڪ مالياتي شعبي ۾ اصلاحات کي جاري رکيو آهي ايڪسچينج ريٽ ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ان جي قيمتن ۾ تبديلي ڪرڻ جو فيصلو بلڪل صحيح هيو جڏهن ته شرطن ۾ نرمي بهتر صورتحال سان مشروط آهي. غير منظم سرگرمين کي ختم ڪري دستاويزي سرگرمين کي فروغ ڏنو پيو وڃي. معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۾ رڪاوٽ وجهندڙ عناصرن جي سوچ بدلجي رهي آهي. گورنر اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ هو ته شهرين فارين ڪرنسي اڪائونٽ کي سيونگ اڪائونٽ ۾ تبديل ڪيو آهي جنهن سان معيشت کي فائدو پيو آهي جڏهن ته ڏي ويٺ تي دٻاءَ سبب خزانو خالي ٿي رهيو هو پر اڄ پهرين کان حالتون تمام گهڻيون بهتر آهن. ملڪي زخيرن ۾اضافو ٿي رهيو آهي ماڻهو هاڻي بچت طرف راغب ٿي رهيا آهن.رضا باقر چيو ته معاشي اصلاحات ۾ مني لانڊرنگ رڪڻ اهم مقصد هيو، مالياتي جرم اسٽيٽ بينڪ لاءِ اهم مسئلو آهي اسان جو ملڪ دهشتگردي کان گهڻو متاثر ٿيو آهي دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ سڀ کان پهرين ترجيح آهي جنهن جي خاتمي سان سڀ کان گهڻو فائدو اسان کي ئي ٿيندو. گورنر اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ هو ته اسان ايف اي ٽي ايف جي شرطن تي عمل ڪيو، ايف اي ٽي ايف جي 27 شرطن تي ڪم جاري آهي. ٽريڊ بيس مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ روڪڻ لاءِ قانون ٺاهيا ويا آهن ۽ بين الاقوامي ادارا به پاڪستان جي ڪاوشن جي ساراهه ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو