دهشتگردن جو علاج نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ۾ آهي، زرداري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشتگردن جو واحد علاج نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد آهي، اهڙو اظهار هن اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي حملي جي سخت مذمت ڪندي  شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪرڻ بابت جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي . آصف علي زرداري چيو ته جن ماڻهن رياست جي رٽ کي چئلينج ڪيو انهن جو علاج دهشتگردي جي نرسرين کي ختم ڪرڻ آهي. هن چيو ته دهشتگردن کي وطن جو دشمن سمجهي انهن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي ۾ 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو